Added by on 2020-10-22

[Total: 0   Average: 0/5]You must sign in to vote An Nhien & Ưmi in Peaceful Land Video Rating: / 5 Please watch: “Naagin 3 New Look | High Expects from Naagin Season 3 | Show of Ekta Kapoor | Hindi Urdu” https://www.youtube.com/watch?v=KTVOelY6dRk –~– This video is about Local Desert Bush “Boohoo” , Aerva Javanica, Desert Plant, Kapok Bush ٻوهه in Sindhi: ٿرپارڪر هڪ اوپن ميوزم آهي جنهن ۾ ڀانت ڀانت جي جھنگلي جيوت ۽ قسمين قسمين جا وڻ ۽ ٻوٽا ٻارنهن ئي مهينا سندن خوبصورتي جو سبب آهن اُتي برساتي موسم ۾ قسمين قسمين گُل، گاهه ۽ وليون سياحن لاءِ ڪشش جو سبب بڻجن ٿا. انهن سوين قسمن جي ريگستاني ٻوٽن جي پنهنجي پنهنجي اهميت آهي، ڪن جو پن، ڪن جا ٻج، ڪن جا ميوا سبزي ڪري پچائي به کائجن ٿا ته ڪن کي دواعن ۾ استعمال ڪجي ته ڪن کي گھريلو ٽوٽڪن ۾ پڻ استعمال ڪجن . جانورن جي خوراڪ جو مکيه ذريعو پڻ اهي ٻوٽا ئي آهن. انهن مان هڪ سدابهار ريگستاني ٻوٽو ٻوههُ پڻ هڪ آهي. ھڪ قسم جو ٻوٽو آھي، جيڪو سڄيءَ سنڌ ۾ پڻ ملي ٿو پر ٿر ۾ ٻوهه جون ٽي چار اسپيسيز ملن ٿيون، هي جتي گھڻو چئي انهي ايريا جو نالو ئي ٻورهاڙو پئجيو وڃي. سموري ٿر ۾ اهو ايئن نظر ايندو آهي ڄڻ ڪنهن گھنڀير حڪمت عملي سان پوک ڪيل ھجي. ٻوهه هڪ ٻوٽو يعني بُش آهي جيڪو يڪي ٿڙ سان اڀري ۽ ڏانڊين سان جھڳٽو ڪري به بيھي ٿو. ھن ۾ اڇو گول ڦل ٿئي ٿو، جنھن کي ٿري ”ڊونڊڻ“ سڏيندا آھن. ھن ٻوٽي کي ٻڪريون، ڇيلا ۽ اٺ کائيندا آھن. عام طور تي سُڪل ٻوهه جي ڪاٺي گھرن ۾ رڌپچاءُ لاءِ ٻارڻ طور استعمال ٿيندي آهي. ٻوهه جا ڊوڍڻ ڪپهه وانگر نرم ۽ گرم ٿين ٿا. انڪري سياري ۾ ٻڪرين ۽ رڍن جي ننڍڙن ڦرن کي سيءَ کان بچائڻ لاءِ ٻوهه […]

Comments are closed.